شاهن فقير جو قبرستان

شاهن فقير جو قبرستان

شاهن فقير جو قبرستان

شاهن فقير جو قبرستان (ماڳ): هيءُ ماڳ ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ ۾ ميان وال تحريڪ جي فقير شاهان عرف شاهن فقير رودناڻيءَ جو قبرستان ڳوٺ ٺل (گولو فقير) کان ڏکڻ طرف هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. قبرستان ۾ موجود قديم قبرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي قبرستان شاهن خان فقير جي دور کان به قديم قبرستان آهي. پر هن فقير جي مدفن کانپوءِ سندس نالي پٺيان هي قبرستان مشهور ٿيو. هن ماڳ تي شاهن فقير جي مقبري کان سواءِ ٻيون قبرون ۽ قديم مقبرا به موجود آهن، انهن مقبرن تي خوبصورت چٽسالي ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو